ال ادريسي

ال ادريسي

ال ادريسي

ال ادريسي: پهريون مسلمان جاگرافيدان ال ادريسي، جنهن دنيا جو نقشو تيار ڪيو. ان نقشي کي هن ’لوح الترسيم‘ جو نالو ڏنو. هن هي نقشو 1154ع ۾ مڪمل ڪيو. نقشا نويس ال ادريسي، اندلس جي هڪ علائقي ’سبطح‘ (Sabtah) ۾ ڄائو. هيءُ بادشاهه ’راجر ٻئي‘ جي درٻار ۾ رهندو هو ۽ 18 سالن تائين راجر ٻئي جي درٻار ۾ رهي نقشا ٺاهيندو رهيو. هن جا نقشا ايشيا ۽ يورپ ۾ مشهور هئا. هن جا نقشا ڪرسٽوفر ڪولمبس جي استعمال ۾ پڻ رهيا. راجر II هن جي ٺاهيل نقشي کي 400 پائونڊ وزن جي چانديءَ جي تختي تي پڻ اڪرايو هو. هن دنيا جي آباد ۽ غير آباد علائقن جا الڳ، الڳ نقشا ٺاهيا ۽ پڻ دنيا کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو، جن ۾ پهريون حصو خط استوا جي 23 حصي تائين ۽ ستون حصو خط استوا جي 54 درجي تائين پکڙيل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو